چيٽرجي، بنڪم چندر

چيٽرجي، بنڪم چندر

چيٽرجي بنڪم چندر

چيٽرجي، بنڪم چندر (Chatterjee, Bankim Chandra): مشهور بنگالي شاعر، ناول نگار، مضمون نگار ۽ صحافي بنڪم چندر چيٽرجي، وندي ماترم/ بندي ماترم (هندستان جي قومي تراني) جي ليکڪ طور وڏي شهرت رکي ٿو. بنڪم چندر 1838ع ۾ ڄائو، سندس والد چندر چٽو پاڌيايه سرڪاري آفيسر هو ۽ ترقي ڪري مدناپور جو ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو (چٽو پاڌيايه جو اُچار اڳتي هلي چيٽرجي بڻيو). بنڪم چندر چيٽرجي هگليءَ جي محسن ڪاليج ۽ پريزيڊنس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. 1857ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪندڙ پهرين ٻن ماڻهن مان هڪ هو. 1869ع ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري، پنهنجي پيءُ وانگر جيسور جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ پوءِ ڊپٽي مئجسٽريٽ بڻيو.
نوڪريءَ دوران ڪيترا ڀيرا سندس انگريز حڪمرانن سان تڪرار ٿيو، 1894ع ۾ کيس ڪيپٽن آرڊر آف دي انڊين ايمپائر بڻايو ويو، ايشور چندر گپت جي پيروي ڪندي، بنڪم به پنهنجو ادبي ڪيريئر شاعريءَ سان شروع ڪيو، پر جيئن ئي کيس محسوس ٿيو ته هن جون صلاحيتون ڪجهه ٻئي قسم جون آهن ته نثر طرف ڌيان ڏنائين. بنگاليءَ ۾ لکيل سندس پهريون ناول انعام لاءِ چونڊيو ويو، پر کيس انعام نه مليو ۽ نه ئي ڪڏهن سندس اهو ناول شايع ٿي سگهيو. بنڪم چندر جي پهرين ذڪر جوڳي تحرير ’ڪپل ڪنڊالا‘ (1866ع) هئي، جنهن جي هيروئن ڪافي حد تائين ڪاليداس جي شڪنتلا ۽ شيڪسپيئر جي ميرانڊا جهڙي هئي. بنڪم چندر جي شادي يارهن سالن جي عمر ۾ ٿي ۽ سندس پهرين زال 1859ع ۾ گذاري وئي، پوءِ هن راج لڪشمي ديويءَ سان شادي ڪئي ۽ ٽن پٽن جو پيءُ بڻيو، بنڪم چندر جي مشهور ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) درگيش نوندني (1865ع)، (2) ڪپل ڪنڊالا (1866ع)، (3) مرينا ليني (1869ع)، (4) اندرا (1873ع)، (5) جنگلا نگريا (1874ع)، (6) راڌراني (1876ع)، (7) چندر شيکر (1878ع)، (8) From the Desk of Kamlakanta (1875ع)، (9) رجني (1877ع)، (10) Krishna Kanta’s Will (1878ع)، (11) راج سنها (1882ع)، (12) آنند مٺ (1882ع)، (13) ديوي چوڌراني (1884ع)، (14) ڪملا ڪانتا (1885ع)، (15) سيتا رام (1887ع)، (16) ڌرم تتو (1888ع)، (17) ديو تتو (1895ع)، (18) شريمد ڀاڳوت گيتا (1902ع). بنڪم چندر چيٽرجيءَ جو انگريز دور جي اوائلي سنڌي ليکڪن تي اثر آهي.
بنڪم چندر چيٽرجي 1894ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو